مڪه(م ڊ) مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز آل شيخ چيو آهي ته اسلامي رياست تي حملو ڪندڙ اسلام مان خارج آهن، داعش ۽ يمن جي حوثين جي جماعت ڀٽڪيل آهي، داعش اسلام جي نالي تي مسلمانن کي تباهه ڪرڻ ۾ مصروف آهي، ڀٽڪيل ماڻهو مسجدن تي به حملا ڪري رهيا آهن. مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز آل شيخ چيو ته اسلام جا دشمن سڄي دنيا ۾ موجود آهن، جيڪي اسلام جو ويس پهري ان جون پاڙون ڪمزور ڪرڻ ۾ مصروف آهن. هن چيو ته اڄ امت ۾ فساد پکڙجي ۽ اخلاص ختم ٿي چڪو آهي. مفتي اعظم چيو ته داعش اسلام جي نالي تي مسلمانن کي تباهه ڪرڻ ۾ مصروف آهن اهو هڪ گروهه آهي جيڪو اسلام جي غلط تشريح پيش ڪري رهيو آهي، مسلمانن کي ڏڦيڙ ۽ فساد خلاف متحد ٿيڻو پوندو. حج پانڌيئڙن کي حج جو خطبو ڏيندي مفتي اعظم چيو ته ڀٽڪيل جماعتن جو مقصد اسلام کي نقصان پهچائڻ آهي، اسلام جا دشمن مختلف انداز ۾ سازشن ۾ مصروف آهن، مسلمانن کي لازمي آهي ته سموريون قوتون دين لاءِ استعمال ڪيون وڃن ۽ عالم بهتر انداز ۾ دين جي دعوت ڏين. سندس چوڻ هوته مسلمان ملڪن جا حڪمران ڪوشش ڪن ته مسلمانن وچ ۾ محبت رهي، مسلمان ڪنهن ٻئي مسلمان کي قتل نه ٿو ڪري سگهي،هر مسلمان تعليم جو نظام بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. مفتي اعظم چيو ته الله تعاليٰ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ئي انسانيت جي معراج آهي، اسلام انسانن کي متحد ڪيو. مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز آل شيخ چيو ته مسلمانن کي گهـُرجي ته اخلاق ۽ اخلاص کي اختيار ڪيو وڃي، الله تعاليٰ عدل ۽ احسان جو به حڪم ڏئي ٿو.