اسلام آباد (م ڊ)وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردن کي فولادي هٿن سان منهن ڏنو ويندو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي ته جيئن پشاور واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جون قربانيون رائيگان نه وڃن، حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شريڪ هٿياربند فوج جي بهادر جوانن کي قانوني تحفظ ڏيندي. وزيراعظم محمد نواز شريف ان ڳالهه جو اظهار دهشتگردي ، انتهاپسندي جي خاتمي بابت قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وراي وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار عرفان صديقي، خواجه ظهير احمد بئريسٽر ظفر الله ۽ اٽارني جنرل سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي ته جيئن پشاور جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جون قربانيون رائيگان نه وڃن. وزيراعظم قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادران، صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ موثر تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان ٿورڙي عرصي ۾ جامع ۽ مثبت نتيجا چاهيون ٿا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيڪٽا کي وزيراعظم نواز شريف جي هدايت تحت فعال بڻايو ويندو جڏهن ته وفاقي گهرو وزير جي صدارت ۾ اربع ڏينهن نيڪٽا جي ايگزيڪيٽو ميٽنگ طلب ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ آئيني ۽ قانوني ترميمين تي ٻڌل پهريون تجويز ڪيل مسودو وزيراعظم کي پيش ڪيو ويو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شريڪ هٿياربند فوج جي بهادر جوانن کي تحفظ ڏيندي. وزيراعظم ان موقعي تي آئيني ترميمن جي تجويز ڪيل مسودي جي ڪاپي ٻين سمورن سياسي پارٽين ۾ ورهائڻ ۽ ان جي باري ۾ انهن جي راءِ وٺڻ جي هدايت ڪئي، هن چيو ته اقليتن خلاف نسلي تعصب ۽ خوف پکيڙڻ کي به دهشتگردي وارين سرگرمين جي دائري ۾ آندو وڃي. هن واضح ڪيو ته اسان پاڪستان کي رنگ ۽ نسل کان مٿانهون ٿي هر شهري جي لاءِ رهڻ لاءِ محفوظ جاءِ بڻائڻ چاهيون ٿا.